جيئل اوڏ

جيئل اوڏ

جيئل اوڏ

جيئل اوڏ: نامور محقق جيئل اوڏ ولد اُتم چند اوڏ پهرين جنوري 1944ع تي ڳوٺ شاهه پارو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم 1955ع ۾ پي. وي اسڪول لاڙڪاڻي مان، مئٽرڪ 1962ع ۾ ميونسيپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان بي. اي ۽ ايم. اي سنڌيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مـان حـاصـل ڪـئـي. ان کـان عـلاوه بين الاقوامي تعلقات ۽ سوشالاجي ۾ ايم. اي ۽ ايل. ايل. بي پڻ ڪئي اٿائين. 1966ع کان هن لکڻ جي شروعات ڪئي. شروع کان وٺي تحقيق ۾ دلچسپي هئس، سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون ماهوار نئين زندگي ۽ مهراڻ ۾ شايع ٿيندا رهيا آهن. 1968ع ۾ فيملي پلاننگ کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. 2004ع ۾ ڊيمو گرافر جي عهدي تان رٽائر ڪيائين، جيئل اوڏ سنڌي ادبي سنگت شاخ باراني مغيري، ضلعي لاڙڪاڻي سان سلهاڙيل رهيو آهي. جيئل اوڏ ائنٿراپالاجيءَ سان دلچسپي رکي ٿو، هن لاڙڪاڻي شهر، موهن جي دڙي کان علاوه وڻن ٻوٽن جي انيڪ موضوعن تي جداگانه تحقيق ڪري پنهنجو هڪ الڳ مقام حاصل آهي. سندس شايع ٿيل ڪتاب ”سنڌ شناسي“ 2010ع ۾ اتم پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان شايع ٿيل آهي. جنهن ۾ تحقيقي مضمون ۽ مقالا شامل آهن. هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ جيئل اوڏھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو